تلسين جي سرهاڻ- ڪتاب

تلسين جي سرهاڻ- ڪتاب

تلسين جي سرهاڻ

تلسين جي سرهاڻ (ڪتاب ):جديد سنڌي شاعريءَ جي اڀياس تي مشتمل تاج جويي جو هي ڪتاب، ڊيمي سائيز جي 188 صفحن تي مشتمل آهي. سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران مارچ 1996ع ۾ ڇپايل هن ڪتاب جي قيمت 70 رپيا آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار، ليکڪا ۽ شاعره شبنم گل جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن تاج جويي جي تنقيدي ادبي شعور جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ تاج جويي، ڪشنچند بيوس جي ٻاراڻي شاعري، نارائڻ شيام جي ڪتاب ”بوند لهرون سمنڊ“ جي اڀياس، نارائڻ شيام جي هائيڪن جي اڀياس، راشد مورائيءَ جي شاعري ۽ شخصيت، ادل سومري جي ڪتاب ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جو اڀياس، اياز گل ۽ عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ کان سواءِ حليم باغي، سرڪش سنڌي، ابراهيم منشي، وسيم سومري، فياض چنڊ ڪليري، ناز سنائي، معشوق ڌاريجي ۽ مشتاق ميمڻ جي شاعريءَ تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو